حنا رباني کر

حنا رباني کر

حنا رباني کر

حنا رباني کر: پاڪستان جي پرڏيهي وزير، حنا رباني کر 19 جنوري 1977ع تي ملڪ غلام ربانيءَ جي گهر، مظفرڳڙهه، پنجاب ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد لاهور يونيورسٽي آف مئنجيمنٽ سائنسز ۾ معاشيات جي مضمون ۾ بي. ايس. سي جي ڊگري حاصل ڪيائين، وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ 2001ع ۾پرڏيهه وئي، جتان هن مانچسٽر يونيورسٽيءَ مان بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪئي. هيءَ سياست ۾ اچڻ کان پهرين هوٽل مئنيجمنٽ سان لاڳاپيل رهي، هن وقت به لاهور ۾ سندس ريسٽورينٽ آهي. 2002ع ۾ مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي چونڊجي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿي. 2003ع کان 2007ع تائين مملڪتي وزير رهي. 2008ع وارين چونڊن کان اڳ هيءَ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي، پنهنجي اباڻي تڪ مظفر ڳڙهه تان پ.پ.پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ لاءِ ٻيهر ميمبر چونڊجي آئي. ورلڊ اڪنامڪ فورم طرفان کيس عالمي سطح تي نوجوان عورت اڳواڻن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو. ملڪ جي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلانيءَ جي معاشي معاملن بابت خاص صلاحڪار بڻي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ 13 جون 2009ع تي حنا رباني کر سالياني بجيٽ پيش ڪئي،کيس ملڪ جي قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تقرير ڪندڙ پهرين عورت جو اعزاز حاصل آهي. حنا ربانيءَ کي فيبروري 2011ع ۾ڪجهه عرصو پاڪستان جي پرڏيهي مامرن بابت مملڪتي وزير طور ذميواري سونپي وئي، جڏهن ته کيس 18 جولاءِ 2011ع تي پرڏيهي معاملن جي وفاقي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو. هن مسلم دنيا جي پهرين خاتون پرڏيهي وزير جو اعزاز حاصل ڪيو.


لفظ حنا رباني کرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.01.19  عيسوي

پاڪستان جي پرڏيهي وزير، حنا رباني کر 19 جنوري 1977ع تي ملڪ غلام ربانيءَ جي گهر، مظفرڳڙهه، پنجاب ۾ جنم ورتو.


2009.06.13  عيسوي

پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ 13 جون 2009ع تي حنا رباني کر سالياني بجيٽ پيش ڪئي،کيس ملڪ جي قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تقرير ڪندڙ پهرين عورت جو اعزاز حاصل آهي.


2011.07.18  عيسوي

کيس 18 جولاءِ 2011ع تي پرڏيهي معاملن جي وفاقي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو. هن مسلم دنيا جي پهرين خاتون پرڏيهي وزير جو اعزاز حاصل ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪرهيو ڀانڊاري شيخ
جاريه بن قدامرضه
جتوئي عارف مصطفيٰ
جسڪاڻي مشتاق
دريا خان نظاماڻي
شيخ عبدالحفيظ ڊاڪٽر
خليفو محمد سجاول خان
رمضان سٻاهيو ڊاڪٽر
آخوند نور محمد ڀٽي
احسان دانش ڀٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون